ستار بلوچ

ستار بلوچ

ستار بلوچ

ستار بلوچ: نوجوان اديب ۽ محقق ستار بلوچ جو پورو نالو عبدالستار ولد عابد بلوچ آهي. سندس جنم 19 جون 1974ع تي جھوڪ، ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو. هن جي تعليم ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي آهي. هن وقت تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي. ستار بلوچ، سنڌي ادب ۾ نثـر نـويـسـي ۽ لغات نويسيءَ جو ڪافي ڪم ڪيو آهي. ان کانسواءِ هي سُٺو مترجم پڻ آهي.
ستار بلوچ جي شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) اردو سنڌي لغت (2003ع)، (2) ســنـڌي لـغــت (2005ع)، (3) اسـٽـوڊنٽـــس گــرامـر (2004ع)، (4) ڪامياب زندگيءَ جا اصول (2006ع) قابلِ ذڪر آهن. هن جا 100 کان وڌيڪ تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪالم سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن وقت گورنمينٽ ڪاليج ٺٽي ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار طور ڪم ڪري رهيو آهي. ماضيءَ ۾ ڪجهه وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سيل ۾ ڪم ڪري چڪو آهي.


لفظ ستار بلوچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.06.19  عيسوي

نوجوان اديب ۽ محقق ستار بلوچ جو پورو نالو عبدالستار ولد عابد بلوچ آهي. سندس جنم 19 جون 1974ع تي جھوڪ، ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشفاق لغاري
حميد ابڙو
رشمي راماڻي
سنتداس پنهون مل ڪشناڻي
لڇمڻ خوبچنداڻي
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
ناز سنائي
پرويز علي محمد
شوڪت صديقي
سليم سولنگي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون